ڪشنچند پارواڻي

ڪشنچند پارواڻي : ڪشنچند پارواڻي سانگهڙ ضلعي جو مشهور زميندار ۽ سياستدان آهي. سندس جنم 17 جولاءِ 1939ع تي ڪندو مل پارواڻيءَ جي گهر ۾ پيرونمل ٽائون تعلقي کپري ضلعي سانگهڙ ۾ ٿيو. ڪشنچند پرائمري تعليم پيرونمل ۾ حاصل ڪئي ۽ مئٽرڪ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان 1955ع ۾ ڪيائين. 1960ع ۾ شاهه لطيف ڪاليج ميرپورخاص مان گريجوئيشن ڪيائين ۽ ايل. ايل. بي، ايس. ايم. لا ڪاليج ڪراچيءَ مان 1962ع ۾ ڪيائين. ڪشنچند پارواڻي 1979ع ۾ سانگهڙ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ميمبر چونڊجڻ سان سياست ۾ پير پاتو. هونئن سماجي ۽ پئنچاتي ڪم ۾ اڳ ئي سرگرم هو. هي ٽي ڀيرا 1988ع ۾ 1990ع ۽ 1993ع جي ملڪي چونڊن ۾ پيپلزپارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي ايم. اين. اي چونڊيو. 1992ع ڌاري بلخ شير مزاريءَ جي نگران حڪومت ۾ اقليتي معاملن جو وزير به رهيو آهي. 1997ع جي چونڊن ۾ آزاد اميدوار طور قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. 2008ع جي جنرل اليڪشن ۾ عمرڪوٽ جي تڪ 228 مان قومي اسيمبليءَ جي ميمبر طور سندس پيپلزپارٽيءَ جي اميدوار نواب محمد يوسف ٽالپر سان سخت مقابلو ٿيو. جنهن ۾ چئن هزارن ووٽن جي سرسيءَ سان نواب يوسف ٽالپر، ڪشنچند پارواڻيءَ کان کٽيو. جڏهن ته پارواڻي صاحب سنڌ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي ٽڪيٽ تي بيٺل هو ۽ لڳ ڀڳ 50000 ووٽ کنيا هئائين. هن وقت پاڻ مسلم ليگ (ق) جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبليءَ جو چونڊيل ميمبر آهي ۽ قومي اسيمبلي جي پارلياماني معاملن، منسٽري آف پراڊڪشن ۽ انڊسٽريز کان سواءِ اقليتي معاملن جي ڪاميٽين جو ميمبر آهي. ڪشنچند پارواڻي ميرپورخاص هندو پنچات ۽ لوئر سنڌ هندو پنچائت جو 1981ع کان صدر رهيو آهي. 1986ع کان اقليتن جي تنظيم ڪاريءَ ۾ مصروف آهي. پاڻ سانگهڙ جي پروگريسوِ زميندارن ۾ شمار ٿئي ٿو.


لفظ ڪشنچند پارواڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو